راجڪماري ويرمتي

راجڪماري ويرمتي

راجڪماري ويرمتي

راجڪماري ويرمتي (ڪتاب): هيءُ ڪتابي سلسلو ’وندر جو وڻ‘ جي سب ٽائٽل سان وي. جي. مهتاڻيءَ شروع ڪيو هو، جنهن ۾ مختلف قصن کي تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اُن سلسلي جو گل ٽيون ’راجڪماري ويرمتي‘ آهي، جيڪو راجڪماري ويرمتي ۽ جڳديو جي عشقيه داستان تي مشتمل آهي. هي عشقيه داستان تمام سهڻي انداز ۾ رچيو ويو آهي. هِن قصي جي ليکڪ جو نالو ڪتاب تي ڄاڻايل ناهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1935ع ۾ جارج پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپيل 45 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جي قيمت 6-1-0 آهي.


لفظ راجڪماري ويرمتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو